صحيح السبطين

صحيح السبطين (ڪتاب): جيلاني/ گيلاني ساداتن جي هن فارسي تذڪري جو مصنف گل محمد آهي. هي تذڪرو ڪيترن ئي ڪتابن ۽ ملفوظاتن تان مرتب ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ ٻه باب ۽ ست فصل آهن. تذڪرو سن 1318هه/ 1900ع ۾ لکي پورو ڪيائين ۽ ڪتابت به مصنف خود ڪئي آهي، جنهن بابت هي قطعه تاريخ لکي اٿس: گل محمد مولف و ڪات ڪه همين نامه را بفضل خدا در سن سيزده صد و هزده ڪرد ڪامل به همت مولا. [ترجمو: گل محمد ڪتاب جو مولف ۽ ڪتاب آهي ۽ اهو ڪم خدا جي فضل سان ڪيائين. سن 1318هه ۾ مولا جي مدد سان هي ڪامل ٿي ويو.] هن تذڪري ۾ مصنف مخدوم سيد حامد گنج بخش اُچي، سيد محمد مڪرم، سيد نقيب سليمان ثاني، مخدوم غلام محي الدين جيلاني، پير صالح شاهه، سيد عبدالجبار ۽ سندس اولاد، سيد غياث الدين، مخدوم سيد ابو جعفر محمد مبارڪ، مخدوم شاهه مبارڪ عادلپوري، سيد شاهه جعفر، مخدوم سيد حامد، سيد محب شاهه، سيد احمد، سيد باغ علي، مخدوم سيد حيدر شاهه، سيد شاهه جعفر، سيد حيدر شاهه ثاني، مخدوم سيد شاهه جعفر ثالث، سيد محمد شريف، سيد شاهه نهال حيدر ۽ سيد سلطان شاهه جو ذڪر بيان ڪيو آهي. انهن ساداتن کان سواءِ گهوٽڪيءَ جي سيدن، راڻي پور ۽ گنبٽ جي گيلاني سيدن، سيد موسيٰ شاهه گيلاني ۽ شاهه عبداللطيف جي احوال ۽ واقعن، مخدوم سيد شرف الدين، محمد صالح شاهه، مخدوم سيد سراج الدين ۽ حضرت جمال محمد جو ذڪر پڻ تفصيل سان ڏنل آهي. ڪتاب جو قلمي نسخو مولانا علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو